راز محمد موسيٰ

راز، محمد موسيٰ: ميان محمد موسيٰ ’راز‘ ميان علي بخش ڀٽيءَ جي گهر ۾ 1317هه/ 1899ع ڌاري حيدرآباد ۾ جنم ورتو. هن چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو ۽ سٽي سروي ۽ لينڊ رڪارڊس ۾ منشي مقرر ٿيو. 1917ع ۾ تپيداريءَ جو ڪورس ۽ 1919ع ۾ روينيو ۾ کاتيداريءَ جو ڪورس ڪري 1920ع ۾ تپيدار مقرر ٿيو، جتان ترقي ڪندي 1929ع ۾ ڪوآپريٽو کاتي ۾ سپروائيزر ۽ پوءِ انسپيڪٽر ٿي رهيو. 1955ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو. هن کي ننڍي هوندي کان ئي شاعريءَ سان لڳاءُ هو. طب جي علم سان به کيس گهري دلچسپي هئي، ان ڪري 1938ع ۾ آيرويدڪ ۽ يوناني طبيه ڪاليج امرتسر ۾ ’حاذق الطباء‘جو ڪورس ڪرڻ ويو، ان ڪاليج مان فرسٽ ڊويزن ۾ امتحان پاس ڪرڻ بعد مستند حڪيم ٿيو ۽ ملازمت جي زماني ۾ نوڪريءَ سان گڏ خانگي طور حڪمت به ڪندو رهيو.
هن اوڻيهن سالن جي ڄمار ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. حافظ محمد حيات شاهه جو صحبتي هو، خاص ڪري محمد بخش واصف، حاجي فقير محمد ’عاجز‘ جي اثر هيٺ شاعري ڪيائين. 1918ع ۾ سندس منظوم دعائيه نظم شمس الدين بلبل جي ادارت ۾ نڪرندڙ اخبار ’آفتاب‘ ۾ شايع ٿيو، جيڪو ڏڪر کان ڇوٽڪاري لاءِ هو. ان بعد هن دعائيه ۽ نعتيه ڪلام سان گڏ عشق ۽ اصلاح جي موضوعن تي ڪلام چيو، جيڪو تنهن وقت اهم اخبـارن ۽ رسـالن جهـڙوڪ: (1) ’نـور اسـلام‘ ٽنـڊو محمـد خـان، (2) ’الاميـن‘ (حيدرآباد)، (3) ’الحقيـقـت‘ (لاڙڪاڻو)، (4) ’الحافظ‘ (حيدرآباد) ۽ (5) ’پرڪاش‘ (حيدرآباد) وغيره ۾ ڇپجندو رهيو. روزاني ’الوحيداخبار ۾ پڻ سندس ڪيترا قومي نظم شايع ٿيندا رهيا، جيڪي سندس شهرت جو باعث بڻيا. حيدرآباد جي پڪي قلعي بابت سندس ’معرڪة الارا‘ نظم کي وڏي مشهوري ملي، جيڪو سنڌي اخبارن ۾ ڪيترا ڀيرا شايع ٿي چڪو آهي. هن پنهنجي شاعريءَ جو ديوان ترتيب ڏنو هو، جنهن ۾ ڪيترو ئي ناصحانه، عشقيه، دعائيه ۽ نعتيه ڪلام شامل هو. محمد موسيٰ راز جو شمار نامور عالمن: شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ليکراج عزيز، جمعي خان غريب، محمد صديق مسافر جھڙن شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي سندس همعصر به هئا. هن ٻه شاديون ڪيون، جن مان کيس اٺن پٽن ۽ ٻين نياڻين جو اولاد ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو